ڪوشش آهي ته نالن جي صفائي جو بهتر نموني ڪم ڪيون: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان پنهنجون ڪوتاهيون تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ مسئلا حل ڪري رهيا آهيون.نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نگراني ۾ اڄ کان ڪراچي جي نالن جي وڏي پئماني تي صفائي جو ڪم شروع ٿي ويو آهي.ايف ڊبليو او هيوي مشينري سان نالن جي صفائي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ نالن جي صفائي سان گڏوگڏ انهن جي ويڪر وڌائڻ جو ڪم به ڪيو پيو وڃي.ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو، جتي لاڳاپيل اختيارين طرفان کيس بريفنگ پڻ ڏني وئي.ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته اسان نالن تي آبادين جو ذڪر ڪيون ته سياسي انتقام جو الزام لڳندو آهي، ڪي ايم سيز ۽ ڊي ايم سيز سان گڏجي شهر جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته اسان پنهنجون ڪوتاهيون تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ مسئلا حل ڪري رهيا آهيون، برساتي نالا سيوريج لائنز سان مليل آهن، جنهن سبب ڏکيائيون ٿينديون آهن پر ڀرپور ڪوشش آهي ته نالن جي صفائي جو بهتر نموني ڪم ڪيون.سندس چوڻ هو ته هيل ڪورونا سبب نالن جي صفائي ۾ دير ٿي، نه ته سنڌ حڪومت 2017 ۾ پاڻ نالا صاف ڪيا هئا، 3 ڏينهن کانپوءِ برسات جو امڪان آهي، ان جي به تياري ڪري رهيا آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *