اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آرڊيننس آڻڻ لاءِ اپوزيشن کان پڇڻ جي ضرورت نه آهي، ڪلڀوشن ياديو جي نه سزا ختم ڪئي ۽ نه ئي کيس رليف ڏنو آهي، قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته آئين ۾ ڪٿي به لکيل نه آهي ته آرڊيننس آڻڻ کان اڳ اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻو پوندو، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ به پنهنجن حڪومتي دورن ۾ آرڊيننس جاري ڪنديون رهيون آهن، ڪلڀوشن بابت آرڊيننس سيڪيورٽي مامرو آهي، اُن تي سياست ڪرڻ ۽ سازشي ٿيوريز آڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، وفاقي وزير طور حلف کڻڻ بعد قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي فروغ نسيم چيو ته آءِ سِي جيَ ڪلڀوشن کي قونصلر رسائي جو حڪم ڏنو، آرڊيننس نه آڻيون ها ته ڀارت سلامتي ڪائونسل ۾ ٺهراءُ منظور ڪرائي پاڪستان کي ناڪام رياست قرار ڏئي ها.