هر ڪو ڪي اليڪٽرڪ ڏانهن آڱر پيو کڻي، لائسنس معطل ٿيڻ گهرجي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ۽ وڪيلن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي تارن تان ڪنڊا هٽائڻ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس خادم حسين ايم شيخ ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ جي آڏو شهر ۾ ڪنڊي ذريعي بجلي حاصل ڪرڻ ۽ لوڊشيڊنگ کان آجن علائقن ۾ بندش جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.جسٽس خادم حسين ايم شيخ ريمارڪس ڏنا ته ڪي اليڪٽرڪ تي هر ڪو آڱر پيو کڻي، اهڙي صورتحال ۾ ته ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس معطل ٿيڻ گهرجي. ڪراچي جا ماڻهو ڪي اليڪٽرڪ جي ڪري وڏي تڪليف ۾ آهن. ڪنڊي ذريعي بجلي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي ڪري شهري پريشان آهن.ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل موقف اختيار ڏنو ته شهر جي ڪافي علائقن مان ڪنڊا هنيا ويا آهن، بجلي جون تارون به تبديل ڪيون ويون آهن.جسٽس خادم حسين ايم شيخ ريمارڪس ڏنا ته شهر ۾ ته هاڻ ڪنڊا لڳل آهن، لوڊشيڊنگ جاري آهي.ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل موقف ڏنو ته ڪيترا علائقا اهڙا آهن جتي اسان جون ٽيمون نٿيون وڃي سگهن. ڪجهه علائقن ۾ ڪنڊا هٽائڻ کان پوءِ ماڻهو ٻيهر هڻي ڇڏيندا آهن.جسٽس خادم حسين ايم شيخ ريمارڪس ڏنا ته توهان ته چئي رهيا هئا ته ڪنڊا هٽائي ڇڏيا آهن، ان جو مطلب اِهو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ناڪارا ماڻهن کي ڀرتي ڪيو آهي؟جسٽس ارشد حسين خان ريمارڪس ڏنا ته وڏين وڏين تارون تي عام ماڻهو ڪنڊا ڪيئن ٿا هڻي سگهن؟جسٽس خادم حسين ايم شيخ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪير بجلي چوري ڪري ٿو ته ان جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي؟ اسان جي سامهون ڳالهيون نه ڪيو، بجلي چوري جا ڪيترا ڪيس بڻايا ويا آهن؟ اسان کي سڀ خبر آهي ڪي اليڪٽرڪ وارا رڳو پيسا ٺاهي رهيا آهن ۽ ناڪاره ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن. جيڪڏهن ماڻهو ڪنڊا ٻيهر به هڻندا ته ان جو مطلب آهي ته توهان جي انتظاميا ناڪارا آهي.عدالت ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ۽ وڪيلن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي تارن تان ڪنڊا هٽائڻ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 25 آگسٽ تي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *