اڳوڻي فاٽا جي عوام کي قومي ڌاري جي جمهوري عمل ۾ شموليت نئين پاڪستان جو عڪس آهي: شبلي فراز

اسلام آباد(بيورو) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اڳوڻي فاٽا جي عوام کي قومي ڌاري جي جمهوري عمل ۾ شموليت نئين پاڪستان جو عڪس آهي ۽ وزير اعظم انهن قبائلي علائقن کي ملڪ جي ٻين علائقن جيان برابري جي سطح تي آڻڻ چاهي ٿو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سڌُ سماءَ واري وزير چيو ته قبائلي عوام هن ملڪ جو حصو ته هو پر هن ملڪ جي مرڪزي ڌاري ۾ شامل نه هو، اسان جي حڪومت هن کي اهميت ڏني ڇو ته هي ضلعا خيبرپختونخواهه سان سلهاڙيل آهن ۽ اڳوڻي فاٽا جي عوام جي قومي ڌاري جي جمهوري عمل ۾ شموليت نئين پاڪستان جو عڪس آهي.هن چيو ته وزير اعظم ان معاملي تي گهڻو ڌيان ڏنو طئي ڪيو ته 25هين ترميم تحت هنن کي خيبرپختونخواهه ۾ ضم ڪيو وڃي جيئن انهن کي اُهي ئي سهولتون ۽ حق ملن جيڪي پهرين نه ملندا هئا، 25هين ترميم ۾ سمورين پارٽين جي منظوري شامل هئي ۽ سڀ ان تي رضامند هئا ته ان کي ضم ٿيڻ گهرجي.شبلي فراز چيو ته اُتي اليڪشنز کي هڪ سال ٿي ويو آهي ان ڪري آئون سمجهان ٿو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير مبارڪ جو مستحق آهي جنهن ڏينهن رات محنت ڪري ان منصوبي کي وڏي حد تائين مڪمل ڪري ورتو.سڌُ سماءَ واري وزير جو چوڻ هو ته قبائلي علائقن ۾ ليويز فورسز کي خيبرپختونخواهه پوليس ۾ ضم ڪيو ويو ۽ ان جو سبب اِهو هو ته هي قبائلي ماڻهن جي علائقي جي مسئلن روايتن کان واقف آهن ڇو ته قبائلي علائقن کي پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *