بدقسمتي سان پاڪستان انهن ملڪن جي فهرست ۾ ٿو اچي جتي سڀ کان گهٽ جهنگ آهن:عمران خان

ڪهوٽا(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اسان فيصلو ڪيو هو ته 10 ارب وڻ پوکينداسين، 2 سالن ۾ 30 ڪروڙ وڻ پوکيا، اسان جي نرسرين ۾ ٻوٽا تيار آهن ۽ ايندڙ جون تائين هڪ ارب وڻ ڦٽي چڪا هوندا.ڪهوٽا ۾ وزير اعظم عمران سان چوماسي جي وڻ ڪاري مهم جو افتتاح ڪندي چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان پاڪستان انهن ملڪن جي فهرست ۾ ٿو اچي جتي سڀ کان گهٽ جهنگ آهن.هن چيو ته اسان 9 نوان نيشنل پارڪس ڊڪليئر ڪري ڇڏيا آهن، نيشنل پارڪ جهنگهن کي به تحفظ فراهم ڪندا آهن.وزير اعظم عمران خان چيو ته نرسرين ۾ ٻوٽن جي افزائش جو سلسلو جاري آهي ۽ ايندڙ 5 سالن ۾ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.هن چيو ته ڪهوٽا ۾ جهنگ جي حفاظت ۽ هن جي تحفظ لاءِ 300 نگهبان علائقي ۾ موجود آهن  جنهن جو انگ 3 هزار تائين ڪيو ويو آهي جيئن هو جهنگ کي آباد رکي سگهن.سندس چوڻ هو ته نئون نسل جهنگ ۽ وڻن جي اهميت کي گهڻو سمجهي ٿو.وزير اعظم عمران خان چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته تدريسي ادارن ۾ ڇنڇر ۾ ٻه ڪلاڪ ٻارن کي وڻ ڪاري مهم بابت آگاهي جي لاءِ وقف ڪيا وڃن.هن چيو ته لاهور ترقياتي منصوبن جي آڙ ۾ ڪيترائي وڻ وڍيا هاڻ اُتي ماحولياتي گدلاڻ جو تناسب هن قدر وڌي چڪو آهي جو ماڻهن جي صحت متاثر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *