بلاول کي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار عمران خان هوندو:شيري رحمان

اسلام آباد (بيورو)پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دهشتگرد احسان الله احسان جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان بلاول کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جيڪڏهن بلاول کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار عمران خان هوندو.سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شيري رحمان چيو ته احسان الله احسان جي آفيشل ٽوئيٽر تان بلاول ڀٽو زرداري کي ڌمڪي ڏني وئي، حڪومت پتو لڳائي ته هو ڪٿي آهي، ڪنهن جي تحويل ۾ ڇو ناهي؟هن سوال ڪيو ته احسان الله احسان کي عمران خان جي حڪومت موڪل ڇو ڏني آهي؟ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) تصديق ڪئي ته جنهن اڪائونٽ تان ڌمڪي ڏني وئي اهو احسان الله احسان جو ئي آهي.سندس چوڻ هو بلاول کي رهنڊ به آئي ۽ ڪجهه ٿيو ته عمران خان نيازي ذميوار هوندو، عمران خان اسامه بن لادن کي شهيد چيو ۽ بيان واپس به نه ورتو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *