اسلام آباد(بيورو):پاڪستان ۾ ڪورونا جو شڪار ماڻهن جو انگ 2 لک 60 هزار تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته هن وقت تائين 5 هزار 475 تصديق ٿيل مريض موت جو شڪار ٿي ويا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 907 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا، هن وقت تائين مجموعي طور تي 16 لک 76 هزار 90 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، ان دوران ڪورونا جا 2 هزار 85 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کانپوءِ ان وبا جو شڪار مريضن جو انگ 2 لک 59 هزار 999 ٿي ويو آهي، هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 73 هزار 751 آهي جڏهن ته هڪ لک 83 هزار 737 مريضن ان وائرس کي شڪست ڏئي چڪا آهن.سنڌ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ هڪ لک 8 هزار 913 آهي، پنجاب ۾ 88 هزار 539، خيبرپختونخواهه ۾ 31 هزار 21، بلوچستان ۾ 11 هزار 322، اسلام آباد ۾ 14 هزار 402، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 771 جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ هڪ هزار 750 آهي.