هاڻ اسان کي ڪورونا جي وبا سان گڏ جيئڻ جي عادت وجهڻي پوندي:سنڌ حڪومت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي.ان ڏس ۾ سنڌ جي گهرو کاتي جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پهرين جولاءِ تي جاري ڪيس نوٽيفڪيشن کي برقرار رکندي لاڪ ڊائون ۾ 15 آگسٽ تائين جي واڌ ڪئي وئي آهي.ان کان سواءِ صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ وارو سلسلو سڀ کان تيز ڪراچي ۾ آهي، ڪالهه ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي 522 مريضن جي سڃاڻپ ٿي جنهن کان پوءِ شهر ۾ عالمي وبا مان متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 80 هزار 803 ٿي ويو.لاڪ ڊائون ۾ واڌ جي حوالي سان بلديات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ واڌ عوام جي جانين جي تحفظ لاءِ ڪئي وئي آهي.هن چيو ته سنڌ حڪومت جي سمورن فيصلن ۾ عوام جو مفاد آهي، هاڻ ڪورونا جي وبا سان گڏ جيئڻ جي عادت وجهڻي پوندي.ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي عوام جي ڏکيائين جو ادراڪ رکي ٿي پر ملڪ جي موجوده صورتحال ڪنهن به ايڊونچر جي تحت نٿي ٿي سگهي.صوبائي وزير چيو ته اسٽينڊرڊ آپريٽنگ پروسيجرز (ايس او پيز) تي عملدرآمد ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي ۽ مال پڙين جي اجازت به ايس او پيز تي عملدرآمد سان ڏني وئي آهي.صوبي ۾ لاڪ ڊائون جي وقت ۾ واڌارو حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي ملڪ جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪا به مهم جوئي نقصان ڪار ثابت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار ناصر حسين شاھ پنهنجي رهائشگاھ علي هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ڪرونا جي وبا سان پوري دنيا ۾ تباهي پکڙجي وئي آهي جهن جا واضع اثر پوري دنيا جي ملڪن ۾ محسوس ڪري سگھجن ٿا. ان سموري وقت ۾ سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان جيڪا جامع مربوط پاليسي لاڳو ڪئي ان سان نهايت حوصلا افزا نتيجا مليا. ناصر حسين شاھ جي مطابق هن وقت ملڪ ۾ هڪ بي يقيني جي صورتحال طاري آهي. جنهن ۾ هر شخص معاشي ۽ ڪاروباري طور تي فڪرمند نظر اچي رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *