وفاقي وزير جي لفافي ۾ اهم دستاويز ملڻ ادارن جي ساخ تي سواليه نشان آهي:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(اسثاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون ۽ ماحوليات بابت صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي وزير جي لفافي ۾ اهم دستاويز ملڻ ادارن جي ساخ تي سواليه نشان آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي دفتر ۾ صحافين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته وفاقي وزير علي زيدي جن ڪاغذن جو پلندو کڻي واويلا ڪري رهيو آهي انهن ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالھ آهي جو سموري وفاقي ڪابينا ملڪ جي اهم مسئلن مهانگائي، بيروزگاري ۽ معيشت کي هڪ پاسي ڪري بيان بازي ۾ مصروف آهي. هن چيو ته وفاقي وزير جي لفافي واري ڳالھ مڪمل غير ذميواراڻي آهي. اهو معاملو ان وقت شروع ٿيو جڏهن علي زيدي اسيمبلي فلور تي بيهي خدا جو قسم کائي چيو ته جي آئي ٽي رپورٽ ڇا ٿي چوي. قانون واري صلاحڪار چيو ته سنڌ حڪومت تي الزام لڳائي رهيو آهي ته جي آئي ٽي رپورٽ تبديل ڪئي وئي آهي جڏهن ته رپورٽون مهر ۽ سرڪاري صحيحن سان مليون آهن جيڪي اسان پبلڪ ڪيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن هڪ وفاقي وزير غلط بياني ڪري سگھي ٿو ته ان ئي قومي اسيمبلي جي فلور تي ٻيو وزير به ڪوڙ ڳالھائي سگھي ٿو. جيڪو چوندو هو ته عمران خان جي اقتدار ۾ ايندي ئي ٻه سئو ارب ڊالر ايندا. هاڻ اهي ڪوڙ ڳالهائڻ وارا ڪيڏانهن ويا انهن جي نوڪري بچائڻ جو واحد حل اهو ئي رهجي ويو آهي ته  پاڪستان جي حقيقي ۽ جمهوري سياسي پارٽي تي الزام لڳائڻ بند ڪيا وڃن هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي اهم مسئلن بابت هميشه آواز اٿاريندي رهندي ڀلي اسان تي ڪهڙو به الزام لڳايو وڃي.     

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *