راولپنڊي(م ڊ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته علي زيدي جيتري ذميواري ڏيکاري ان مان ائين ٿو لڳي هو جوابدارن کي فائدو پهچائي رهيو آهي.راولپنڊي ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) ۾ پيشي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته علي زيدي جي ڳالهه نه ڪيو هن کي ماڻهو صحيح ٿيل ڪاغذ دروازي تي شيون ڏئي ويندا آهن ۽ هو ايندڙ ڏينهن کان هو انهيءَ جي تحت ڳالهيون شروع ڪندو آهي.هن چيو ته عذير بلوچ کي رينجرز گرفتار ڪيو هو ۽ هن وقت موجود قانون جي تذحت رينجرز ان کي دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جي تحت ڏينهن تائين تحويل ۾ رکيو هو ان کان پوءِ گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) بڻائي هئي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته دهشتگردي جي انت واري ايڪٽ تحت جي آءِ ٽي جوڙي ويندي آهي ۽ پوليس جو ڪو آفيسر ان جي سربراهي ڪندو آهي.مراد علي شاهه چيو ته 7 رڪني جي آءِ ٽي بڻي هئي ۽ پوليس جي سينيئر سپرنٽنڊنٽ پوليس ( ايس ايس پي) جي آءِ ٽي جي سربراهي ڪري رهيو هو، جنهن ۾ سي ٽي ڊي، آءِ بي، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ رينجرز جا نمائندا شامل هئا.سندس چوڻ هو ته ان وقت جي وڏي وزير جي آءِ ٽي بڻائي هئي جي آءِ ٽي ۾ شامل 7 ڄڻن پنهنجي اصل صحيح سان گڏ اصلي جي آءِ ٽي رپورٽ گهرو کاتي کي جمع ڪرائي هئي جيڪو گهرو کاتي ۾ موجود آهي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اِها جي آءِ ٽي هڪ ڀيرو پهرين عدالت ۾ جمع ڪرائي هئي جنهن کي عدالت ڏسڻ کان پوءِ واپس ڪري ڇڏيو هو.پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته جي آءِ ٽي هڪ هوندي آهي، گهڻيون ناهن هونديون، اصل جي آءِ ٽي رپورٽ گهرو کاتي ۾ موجود آهي ۽ اُها کي ئي لفافي ۾ وجهي جمع ڪرائي وئي هئي ۽ عدالت به ان کي کولي پڙهڻ کان پوءِ لفافو واپس ڪيو هو.هن چيو ته گهرو قانون ۽ ايڊووڪيٽ جنرل ڪرمنل پروسيڪيوشن ڊپارٽمنٽ جي آءِ ٽي رپورٽ جاري نه ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي ڇو ته ان ۾ جنهن جو به نالو هوندو اُهي سڀ هوشيار ٿي ويندا.وڏي وزير چيو ته بدقسمتي سان علي زيدي غير ذميواري جو مظاهرو ڪندي بنا صحيح واري ڪاپي، جنهن کي هو پاڻ چئي رهيو آهي ته هي بنا صحيح ٿيل آهي، ان کي پڙهڻ شروع ڪيو.مراد علي شاهه چيو ته ان سان اسان تي سياسي دٻاءُ آيو پوءِ مون ايڊووڪيٽ جنرل سان ڳالهه ڪئي ته سياسي دٻاءَ جي ڪري اسان کي جي آءِ ٽيز جاري ڪرڻيون پونديون.هن چيو ته علي زيدي پاڻ چيو ته عذير بلوچ 198 قتلن جو اعتراف ڪيو هو ته ان سان گڏ جيترا به ماڻهو انهن سڀني کي خبردار ڪري ڇڏيو.پنهنجي ڳالهه اڳتي وڌائيندي هن چيو ته علي زيدي غير ذميواراڻي حرڪت ڪئي ۽ هاڻ چوي ٿو ته 3 جي آءِ ٽيز آهن، جي آءِ ٽي هڪ هوندي آهي ۽ ان تي صحيح به ٿيندي آهي.مراد علي شاهه چيو ته علي زيدي جيڪو ٻڌايو ان ۾ سي آءِ ڊي جو نالو آهي جڏهن ته 2015 اِهو ختم ٿي ويو هو ان کان پوءِ سي ٽي ڊي (ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمنٽ بڻيو هو، اصل جي آءِ ٽي سي ٽي ڊي جو نالو لکيل آهي.