اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ هڪ ڪروڙ 15 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪرڻ جڏهن ته 5 لک 43 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ماريندڙ نوول ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ وارو سلسلو پاڪتان ۾ به جاري آهي ۽ هن وقت تائين تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 2 لک 39 هزار 225 جڏهن ته فوتگيون 4 هزار 945 تائين پهچي ويون آهن.ملڪ ۾ اڄ 2 هزار 803 متاڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته 57 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 6 هزار 8 ماڻهو اهڙا هئا جيڪي وائرس مان صحتياب ٿي ويا.سنڌ ۾ ڪورونا وائرس مان وڌيڪ 1736 ماڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته 23 فوتگيون به ٿيون.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه موجب صوبي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ متاثر جو انگ 1736 کان وڌيڪ 99 هزار 362 تائين پهچي ويو.سندس چوڻ هو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 23 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن سان فوتين جو گڏيل انگ 1637 تي پهچي ويو.