علي زيدي پاران هڪ ڀيرو ٻيهر جَي آِءِ ٽِيزِ رپورٽس بابت چيف جسٽس کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ علي زيدي چيو ته اڳوڻي فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي ڊائريڪٽر نثار مورائي جي جَي آِءِ ٽِي رپورٽ تي 6 مان 5 جي آءِ ٽي ميمبرن جون صحيحون آهن ۽ رپورٽ جي آخري صفحي تي 6 مان 4 ميمبرن جون صحيحون آهن. علي زيدي چيو ته پ پ چاهي ٿي ته نثار مورائي جي جي آءِ ٽي کي قبول ڪيو وڃي. هن چيو ته لياري گينگ وار جي مک ڪردار عذير بلوچ جِي جِي آِءِ ٽِي رپورٽ تي 6 مان 4 ميمبرن جون صحيحون ٿيل آهن، جِي آِءِ ٽِي جي ٻئي صفحي مان اها ڳالهه ثابت آهي ته پ پ جي آءِ ٽي جي صداقت کي شڪي بڻائي رهي آهي. وفاقي وزير علي زيدي ان معاملي تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان پاڻمرادو نُوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *