شهر جا 38 وڏا نالا ڪي ايم سي جي انتطام هيٺ آهن جن جي صفائي بنيادي طور انهن جي ذميواري آهي:ناصر حسين شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ، بلديات، مذهبي معاملن ۽ جهنگلات و جهنگلي جيوت  کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه شهر جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ سيڪريٽري روشن علي شيخ، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر CLICK زبير چنا ۽ سالڊ ويسٽ مئنيجمنٽ بورڊ جي آفيسرن سان شهر جو ڊگھو دورو ڪيو ۽ ان موقعي تي ضروري حڪم جاري ڪيا. وزير بلديات ان موقعي تي مختلف شاهراهن ۽ ضلعن جي دوري جي موقعي تي نالن جي مسلسل صفائي جي حوالي سان آفيسرن کي هدايتون ڏنيون. صوبائي وزير هجرت ڪالوني، ڪرلي نالي. نيو ڪراچي سميت مختلف برساتي نالن ۽ فشري ۾ واقع نالن جو به دورو ڪيو. صوبائي وزير ان موقعي تي چيو ته شهر جا 38 وڏا نالا ڪي ايم سي جي انتطام هيٺ آهن جن جي صفائي بنيادي طور انهن جي ذميواري آهي پر ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان سوئيپ جي تحت برساتي نالن جي صفائي جي لاءِ جامع منصوبو ترتيب ڏنو ويو آهي. ايمرجنسي جي بنياد تي سموري شهر ۾ صفائي پوري رفتار سان جاري آهي سمورن نالن مان ڪچرو ڪڍي لينڊ فل سائيٽ تي لڳاتار منتقل ڪيو پيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *