اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير علي زيدي سُپريم ڪورٽ کان جي آءِ ٽيز معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي وزير علي زيدي مطالبو ڪيو آهي ته سُپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس جي آءِ ٽيز جي آفيسرز کي به طلب ڪري، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي علي زيدي جو چوڻ هو ته ذوالفقار مرزا کانپوءِ شرجيل ميمڻ ۽ اويس ٽپي عذير بلوچ کان ڪم ورتا، سنڌ حڪومت عذير بلوچ جي آءِ ٽي مان 6 نالا غائب ڪري ڇڏيا، سنڌ سرڪار اصل جي آءِ ٽي رپورٽ لڪائي ڇڏي آهي، سنڌ حڪومت جيڪا جي آءِ ٽي پبلڪ ڪئي، اها ٻي آهي، علي زيدي جو چوڻ هو ته اسان وٽ جيڪا رپورٽ آهي، ان ۾ وڏا انڪشاف آهن، مون وٽ موجود رپورٽ جي هر صفحي تي عذير بلوچ جي صحي ٿيل آهي، عذير بلوچ ذوالفقار مرزا ۽ فريال ٽالپر جو به ذڪر ڪيو، ذوالفقار علي مرزا کانپوءِ شرجيل ميمڻ ۽ اويس ٽپي عذير بلوچ کان ڪم ورتا، سپريم ڪورٽ معاملي جو نوٽيس وٺي، اصل جي آءِ ٽي ۾ جن جا به نالا آهن، ظاهر ڪيا وڃن، علي زيدي جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائينداسين، حلفي بيان جي پيج نمبر 7 ۾ عذير بلوچ اهم انڪشاف ڪيا آهن، سينيٽر يوسف بلوچ جي چوڻ تي هو قائم علي شاهه ۽ فريال سان مليو، عذير بلوچ پنهنجي خلاف سر جي قيمت ختم ڪرائڻ جو چيو، فريال ۽ آصف زرداري جي چوڻ تي سر جي قيمت وارو فيصلو ختم ڪيو ويو، هن چيو ته آخري صفحي تي حلفي بيان ۾ عزيز بلوچ خدشا ظاهر ڪيا آهن، عذير بلوچ موجب مون کي ۽ گهروارن کي ماريو ويندو، عذير بلوچ جي، جي ٽي آءِ ۾ 6 ڄڻن جا نالا آهن، اهي 6 نالا رپورٽ ۾ ظاهر نه ڪيا ويا آهن، انهن ۾ذوالفقار مرزا، فريال ٽالپر شرجيل ميمڻ، قادر پٽيل ۽ ٻين جا نالا ناهن ، جنهن لاءِ درخواست ڪريان ٿو ته مڪمل حفاظت ڪئي وڃي، ڇو ته آصف زرداري ۽ ٻين سياسي لوگ سندس خلاف انتقامي ڪارروائي ڪندا، چنيسر ڳوٺ ۾ مافيا جو ذڪر ڪيو ويو آهي، چنيسر ڳوٺ پي ايس 104 منهنجو تڪ آهي، سنڌ حڪومت پي ٽي آءِ وٽ نه آهي، پوليس واري جي رپورٽ ۾ نالا آهن فرحان غني جو نالو آهي، ڊرگ مافيا جي مدد ڪندو ۽ اُهو سعيد غني جو ڀاءُ آهي، جيڪو اڄڪلهه وزير آهي، هي رپورٽ آئي ته ايس ايس پي کي بدلي ڪيو ويو، مون 2017ع ۾ خط لکيو، چيف سيڪريٽري سنڌ کي لکيو، چيف سيڪريٽري جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ٻيهر جواب نه ڏنو، اُن کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ويس، پٽيشن دخل ڪرائي، آڪٽوبر 2017ع کان ڪيس هلندو رهيو، علي زيدي چيو ته آخرڪار 28 جنوري 2020ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم جاري ڪيو ته اهي جي آءِ ٽيز پبلڪ ڪيون وڃن، عدالت سيل ٿيل جي آءِ ٽي پڙهي ۽ چيو ته اُن سان قومي سلامتي خطي ۾ نٿي اچي، سنڌ سرڪار موقف رکيو ته قومي سلامتي خطري ۾ اچي ويندي، اهو ڪيس کٽي وينداسين، جي آءِ ٽي رپورٽس تي بحث هلي رهيو آهي، نبيل گبول انٽرويو ۾ چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽس اڌوري آهي، عذير بلوچ سهولتڪار جو نالو ناهي ٻڌايو، جي آءِ ٽي ۾ هڪ شخص سوين ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو، سنڌ سرڪار جي آءِ ٽي رپورٽس ٽوڙي مروڙي پيش ڪيون آهن.