ايئر مارشل ارشد ملڪ رٽائرمينٽ کانپوءِ به پي آءِ اي سربراهه رهندو: وفاقي ڪابينا جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايئر مارشل ارشد ملڪ کي 3 سالن تائين عهدي جي رهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي اقتصادي ۽ سياسي صورتحال سميت ڪورونا وائرس ۽ ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ايئر مارشل ارشد ملڪ کي پي آءِ اي جو 3 سالن تائين چيف ايگزيڪيوٽو جو عهدو سنڀالڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ايئر مارشل ارشد ملڪ پاڪستان  ايئر فورس تان رٽائرمينٽ کانپوءِ به پي آءِ اي جو چيف ايگزيڪيوٽو رهندو.واضح رهي ته ايئر مارشل ارشد ملڪ 12 جولاءِ تي پاڪستان ايئر فورس تان رٽائر ٿي رهيو آهي، کيس 11 آڪٽوبر 2018 تي وفاقي ڪابينا پي آءِ اي چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏني هئي، جنهن کانپوءِ 2 اپريل 2019 ۾ کيس سي اي او مقرر ڪيو ويو هو.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا کي پائليٽن جي شڪي ڊگرين جي معاملي تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته جعلي ۽ شڪي ڊگرين وارن پائليٽن کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي ۽ معاملي جي جاچ جاري آهي.وفاقي ڪابينا پائليٽن جي شڪي ڊگرين جي حوالي سان ڇنڊ ڇاڻ جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ڪابينا فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس بابت ڪمپنيز ايڪٽ 2017 ۾ ترميم جو معاملو ملتوي ڪري ڇڏيو.اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وزير شبلي فراز چيو ته پي آءِ اي جي جعلي لائسنس واري 28 پائليٽن کي نوڪرين تان ڪڍيو ويو آهي، سمورا شڪي لائسنس پ پ ۽ ن ليگ جي دور ۾ جاري ٿيا.ڪورونا جي حوالي سان شبلي فراز چيو ته وزيراعظم پاڪستان ۾ زميني حقيقتون ڏسي حڪمت عملي جوڙي، معاشي نقصانن باوجود ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي وئي، وبا کي منهن ڏيڻ ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر اثرائتو ڪردار ادا ڪيو.سندس چوڻ هو ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ڪورونا سان گهٽ متاثر ٿيو، وبا جي روڪٿام لاءِ حڪومت جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي.هن چيو ته احتياط نه ڪرڻ سان عيدالاضحيٰ تي بيماري پکڙجڻ جو خدشو آهي، وزيراعظم عيد پنهنجي گهر ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، عوام به عيد تي گهران نه نڪري

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *