ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو آهي ته گورنر عمران اسماعيل آڏو ڪيل واعدي باوجود ڪي اليڪٽرڪ 48 ڪلاڪن اندر لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ فردوس شميم نقوي، آفتاب صديقي، ڊاڪٽر سنجي ۽ ٻين اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪي اليڪٽرڪ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي پيداوار، بجليءَ جي ورڇ ۽ بلز اوڳاڙي جي حوالي سان ٽن حصن ۾ ورهايو وڃي. هنن چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۾ نيشنل گرڊ مان بجلي حاصل ڪرڻ جي اهليت نه آهي، اُن جي جاءِ تي ڪا نئين ڪمپني آندي وڃي. هنن چيو آهي ته لوڊ شيڊنگ ۽ اوور بِلنگ ختم ڪري ڪراچي جي شهرين کي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هنن چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ خلاف سپريم ڪورٽ وينداسين، ماڻهو ڪورونا جي ڪري گهرن ۾ قرنطينه ۾ ويٺل آهن ۽ بجلي آهي ئي ڪون. ڪي اليڪٽرڪ جي رويي کان شهري تنگ اچي چڪا آهن، وقت اچي ويو آهي ته بجلي لاءِ ڪو نئون نظام آندو وڃي، 21 هين صدي ۾ به ڪراچي جو هي حال آهي. آفتاب صديقي چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ هر ڀيري واعدي جي خلافي ڪئي آهي، جڏهن کان ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي بجلي جو نظام سنڀاليو لوڊ شيڊنگ جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڄ تائين جاري آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن طرفان اوور بِلنگ ۽ لوڊشيڊنگ ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ سڀاڻي ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس آڏو ڌرڻي جو چتاءُ ڏنو ويو آهي………….