اسان جو ڪم ڀارت کي ايڪسپوز ڪرڻ آهي:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڀارت هٿ يا اک کڻي ته فيبروري کي ياد رکي.سينيٽ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته يقينن ڀارت وڏو ملڪ ۽ ان جي معيشت وڏي آهي پر اسان ڀارت جي گدڙ ڀڀڪين ۾ نه اينداسين، ڀارت هٿ يا اک کڻي ته فيبروري کي ياد رکي.شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان به سوچي رهيو آهي ته امن امان ۾ رنڊڪ ڀارت وجهي رهيو آهي، اڄ نيپال، ڀوٽان ۽ سري لنڪا به ڀارت جي خلاف آهن، چين جي سوچ ڇا آهي آئون ڄاڻان ٿو، چين به ڀارت جي 5 آگسٽ واري قدم کي رد ڪري ڇڏيو، هاڻ ڀارت اڪيلو ٿي رهيو آهي، اسان جو ڪم ڀارت کي ايڪسپوز ڪرڻ آهي اسان ڪنداسين.پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت سيڪيورٽي ڪونسل جي هڪ ئي گروپ ۾ آهي، ڀارت 7 ڀيرا ۽ پاڪستان به 7 ڀيرا سيڪيورٽي ڪونسل جو ميمبر بڻجي چڪو آهي، سيڪيورٽي ڪونسل ۾ پنج مستقل ۽ 10 غير مستقل ميمبر آهن.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته غير مستقل ميمبر بڻجڻ جي لاءِ ڪيترن ئي سالن جي مهم گهربل هوندي آهي، ڀارت 9 سالن کان ان لاءِ ڪيمپئن ڪري رهيو هو، ڀارت جڏهن خواهش ظاهر ڪئي ته ايشيا پسييفڪ گروپ ۾ رڳو ڀارت ئي اميدوار هو، پاڪستان چاهي ٿو ته ڀارت جي ڀيٽ ۾ اليڪشن وڙهي پر حاصل ڪجهه نه ٿيندو، ان سان اسان جي 26-2025 جي ڪيمپئن به متاثر ٿيندي، پاڪستان 26-2025 ع جي لاءِ سلامتي ڪونسل جي رڪنيت جو خواهشمند آهي، ان ڪري اسان کي اڄ کان ڪمپئن ڪرڻ جي ضرورت آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *