بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪراچي،گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي ۾ رينجرز اهلڪارن تي حملن جي مذمت

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۽ گهوٽڪي ۾ رينجرز اهلڪارن تي حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي ڪٿي به ٿئي اها برداشت نه ڪئي ويندي سڄي قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي هڪ بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردن جي بزدلاڻن حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو حملن ۾ سنڌ رينجرز جي جوانن ۽ شهري جي شهادت تي دلي صدمو پهتو آهي بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي ته حملي ۾ جيڪي رينجرز اهلڪار ۽ واٽهڙو زخمي ٿيا انهن کي بهترين علاج فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته شهيدن جي گهرڀاتين سان غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *