سنڌ حڪومت هن وقت به وفاق سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر عمران خان جو ارادو نٿو لڳي:اسماعيل راهو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي زراعت واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو وزيراعظم جي سنڌ واري دوري ۽ صحافين سان ڳالهه ٻولهه تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم سنڌ آيو پر وڏي وزير سان نه مليو، اها سليڪٽڊ حڪومت جي بدنيتي آهي، عمران خان پي ٽي آءِ نه پر سموري ملڪ جو وزيراعظم آهي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته وزيراعظم دعويٰ ڪئي ته ماڪڙ معاملي تي ڀارت ۽ ايران سان رابطي ۾ آهي پر حڪومت پاڙيسري ملڪن توڙي علائقائي سطح تي ماڪڙ جو معاملو اٿارڻ ۾ ناڪام وئي آهي، وزيراعظم ماڪڙ جي خاتمي لاءِ ريگستاني علائقن ۾ اسپري لاءِ جهاز ۽ عملو ڏيڻ جو اعلان ڇو ناهي ڪيو؟، سنڌ جا آبادگار انتظار ۾ هئا ته عمران خان ماڪڙ جي خاتمي لاءِ تڪڙن قدمن جو اعلان ڪندو پر وزيراعظم انهن کي مايوس ڪيو. اسماعيل راهو چيو ته ماڪڙ سبب سنڌ جا 22 ضلعا متاثر آهن پر وفاق هيل تائين سنڌ جي ريگستاني علائقن ۾ اسپري ناهي ڪرايو.هن تنقيد ڪندي چيو ته خان صاحب اوهان سياست نه پر سنڌ کان ووٽ نه ڏيڻ جو پلاند وٺي رهيا آهيو، افسوس آهي ته حڪومت جي اتحادين به وزيراعظم آڏو ماڪڙ جو مسئلو نه اٿاريو، ماڪڙ معاملي تي اپوزيشن جي خاموشي سنڌ جي هارين سان دشمني برابر آهي. اسماعيل راهو چيو ته وزيراعظم جو سنڌ جو دورو سياسي اڳواڻن سان ملاقات لاءِ هو، ان کي سنڌ جي عوام جي ڪابه فڪر ناهي، سنڌ حڪومت هن وقت به وفاق سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر عمران خان جو ارادو نٿو لڳي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *