سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس آن لائين ڪرائڻ لاءِ رولز ۾ مختلف ترميمون منظور، سمورا ميمبرز آن لائين اجلاس ۾ حصو وٺندا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي بجيٽ اجلاس آن لائين ڪرائڻ لاءِ رولز ۾ مختلف ترميمون منظور ڪري ورتيون، اتفاق راءِ سان منظور ٿيل ترميمن موجب ڪورونا متاثر ايم پي ايز سوڌو سمورا ميمبرز ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ ۽ موبائيل فون ذريعي آن لائين اجلاس ۾ حصو وٺندا. ميمبرز گهر ويهي بجيٽ تي تقريرون به ڪري سگهندا، اسٽيمپ ڊيوٽي ۾ ترميم وارو بِل لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي وبائي بيماريون ترميمي بل 2019ع به يڪراءِ منظور ڪري ورتو، دڪان ۽ ڪاروبار جي قيام بابت ترميمي بل 2020ع ۽ ڪووِڊ ايمرجنسي سهائتا بِل به اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو اجلاس جي شروعات ۾ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪارروائي مختصر ڪرڻ تي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ تڪرار پيدا ٿيو. اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي چيو آهي ته اسان نه تڙي ۾ ايندا آهيون ۽ نه ئي تڙي ڏيندا آهيون، 25 سيڪڙو کان گهٽ ميمبرز جي موجودگيءَ ۾ رولز تبديل ٿي سگهن ٿا ته ٻڌايو وڃي. هن چيو ته اپوزيشن جي بهتر لهجي باوجود حڪومتي ميمبرز جي سخت رويي تي افسوس ٿيو آهي، متحده ميمبرز چيو ته اسپيڪر رولز تبديل ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي ٿو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته جديد سسٽم ذريعي ميمبرز کي لاگ اِن ٿيڻ لاءِ آءِ ڊي ڏني ويندي، پر اُن جو ڪنٽرول اسپيڪر وٽ هوندو، اسپيڪر جي اجازت کانسواءِ ڪوبه ميمبر ڳالهائي نه سگهندو. وڏي وزير چيو آهي ته هاڻي وزيراعظم به سماجي وٿي رکڻ جي اپيل ڪئي آهي، اپوزيشن ميمبرز وزيراعظم جي ته ڳالهه مڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *