عيد الاضحيٰ 31 جولاءِ تي ٿيندي: فواد چوڌري جي دعويٰ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عيد الاضحيٰ 31 جولاءِ جمعي جي ڏينهن تي ٿيندي، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته ذوالحج جو چنڊ 21 جولاءِ تي نظر اچي ويندو. وفاقي وزير پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ ذوالحج جو چنڊ دوربين سان ڏسي سگهبو، جڏهن ته ٻين علائقن ۾ چنڊ اکين سان به ڏسي سگهبو. فواد چوڌري چيو آهي ته چنڊ جي لوڪيشن معلوم ڪرڻ لاءِ رويت ايپ استعمال ڪري سگهجي ٿي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالوجي وزارت جي ڪئلينڊر موجب عيد الاضحيٰ31 جولاءِ تي ٿيندي. واضح رهي ته هن کان اڳ به فواد چوڌري شوال جو چنڊ نظر اچڻ ۽ عيدالفطر جي تاريخ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان جي اعلان موجب ئي چنڊ نظر اچڻ ۽ شاهديون ملڻ تي رويت هلال ڪميٽي پاران اعلان کانپوءِ عيدالفطر ملهائي وئي هئي………

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *