اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان خبردار ڪيو آهي ته جولاءِ يا آگسٽ ۾ ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس عروج تي هوندا.وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي عمران خان چيو ته جيڪڏهن عوام احتياط ڪري ته پاڪستان ان تباهيءَ مان نه گذرندو، جيڪا امير ملڪن تي آئي، جيڪڏهن اسان احتياط نه ڪيو ته وڏو ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي ۽ ملڪ کي نقصان ٿيندو، لاڪ ڊائون سان ڪورونا ختم نه ٿيندو پر وبا پکڙجڻ جي رفتار گهٽ ٿيندي آهي.هن چيو ته ڪو به ملڪ ڊگهي وقت تائين لاڪ ڊائون برداشت نٿو ڪري سگهي، ڇو ته بيروزگاري وڌندي آهي، اسان جي جدوجهد اها آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا تيزي سان نه پر آهستي پکڙجي ته جيئن اسپتالن تي بار نه پئي، ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، احتياط ڪنداسين ته محفوظ رهنداسين.سندس چوڻ هو ته آڪسيجن وارا وڌيڪ هڪ هزار بسترا سڄي ملڪ ۾ ورهائينداسين، پاڪ نگهبان نالي ويب سائيٽ ۽ ايپ لانچ ڪري رهيا آهيون، جنهن سان خبر پوندي ته ڪهڙي شهر ۾ ڪيترا بسترا موجود آهن.وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ جولاءِ جي آخر يا آگسٽ جي شروعات ۾ ڪورونا ڪيس عروج تي هوندا، ماڻهو وبا کي سنجيدگي سان نه پيا وٺن، اهي ايس او پيز تي عمل نه ڪري پاڻ سميت پنهنجن جون زندگيون خطري ۾ ۽ ملڪ کي ڏکيائين ۾ وجهي رهيا آهن.عمران خان عوام کي اپيل ڪئي ته ماسڪ ضرور پايو، ڇو ته ان جي استعمال سان وبا جي پکيڙ جو خطرو 50 سيڪڙو گهٽجي وڃي ٿو.