هوائي معاملن واري وزير ڪراچي جهاز حادثي جي رپورٽ 22 جون تي عام ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور ( بيورو رپورٽ) هوائي معاملن واري وزير غلام سرور خان ڪراچي جهاز حادثي جي رپورٽ 22 جون تي عام ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڊيٽا ۽ وائس باڪس ملي چڪو آهي، اڃا تائين ڪنهن مٿان ذميواري ناهي مڙهي وئي، جلد جاچ مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.ل غلام سرور خان چيو ته هو سڀني کي اپيل ٿو ڪري ته جاچ رپورٽ کان اڳ ڪنهن جي دل نه رنجائي وڃي، ذميوار آفيسر جاچ ڪن پيا. هن چيو ته حادثي جو شڪار ٿيل جهاز ۽ انجڻ بابت ڌار ڌار جاچ ڪئي پئي وڃي، هن وقت تائين ڪنهن جي غلطي يا ڪوتاهي جو پتو ناهي پئجي سگهيو. هوائي معاملن واري وزير چيو ته پائليٽ سجاد گل جو 25 ورهين جو تجربو هو، جنهن دوران کانئس ڪڏهن ڪوتاهي نه ٿي، رپورٽ کان اڳ ڪا به راءِ ڏيڻ مناسب نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ غلام سرور خان چيو ته کانئس نه استعفيٰ گهري وئي ۽ نه ئي مطالبو ڪيو ويو، جاچ رپورٽ ۾ خبر پئجي ويندي ته غلطي ڪنهن جي هئي، ان بعد ئي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته جهاز حادثي تي سڀني کي افسوس آهي، جنهن ۾ عملي سميت 99 ڄڻا سوار هئا، واقعي بابت جاچ رپورٽ 22 جون تي عام ڪئي ويندي. هوائي معاملن واري وزير غلام سرور خان چيو ته شهيدن جي وارثن کي 10 – 10 لک رپيا ڏنا ويا آهن، جنهن گهٽي ۾ حادثو پيش آيو، اتي گهرن ۾ ڪندڙ ٽي ناريون به زخمي ٿيون، جن مان هڪ فوت ٿي چڪي آهي، انهن کي به معاوضو ڏنو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *