پيٽرول جي کوٽ، آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي حرڪت ۾ اچي وئي

اسلام آباد (بيورو)اوگرا پيٽروليم شيون ذخيرو ڪندڙ پمپن خلاف ڪارروائي لاءِ انتظاميا سان رابطو ڪري ورتو.آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي سڄي ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽرين کي خط لکي ڇڏيا.اوگرا طرفان لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرز ذريعي پيٽروليم شين جو ذخيرو ڪندڙ پمپن خلاف قانوني ڪارروائي جي درخواست ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته پهرين جون کان پيٽروليم شين جا اگهه گهٽجڻ کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ پيٽرول جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ مختلف شهرن ۾ ڪيترن ئي پيٽرول پمپن تي پيٽرول نه پيو ملي، جنهن تي اوگرا ڪجهه آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *