اسلام آباد(بيورو) سڌُ سماءَ ۽ نشريات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت ايس او پيز متعارف ڪرائڻ کان پوءِ مرحليوار ۽ محدود پيماني تي معاشي سرگرمين جو آغاز ڪيو پر ماڻهن ايس او پيز کي نظرانداز ڪيو ته اسان مجبور ٿي وينداسين ۽ سخت لاڪ ڊائون ڪري ڇڏينداسين.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته ڪورونا وائرس وائرس سان عالمي معيشت کي نقصان پهتو، ترقي پذير ملڪ به ان وبا سبب ڏکيائي ۾ آهن.هن چيو ته پاڪستان ۾ 75 سيڪڙو ماڻهو ننڍي ۽ وڏي واپار تي ڀاڙن ٿا ۽ باقي ڏهاڙي تي ڪم ڪرڻ وارا آهن اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي معيشت کي وڌيڪ نقصان رسيو آهي.شبلي فراز چيو ته بدحال معيشت مثبت رخ ڏانهن گامزن ٿي ته ڪورونا وائرس سبب معاشي سڌارن کي لوڏو آيو.هن زور ڏنو ته اسان معيشت کي مرحليوار کوليو پر ماڻهن جي اڪثريت ايس او پيز تي عملدرآمد ناهي ڪيو جڏهن ته رڳو احتياطي تدبيرن سان وائرس مان بچي سگهجي ٿو.سڌُ سماءَ ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ٻيون وڏو مسئلو ماڪڙ جو آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ لوڪسٽ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته پاڪستان ۾ 27 سالن کان پوءِ ماڪڙ جو ايترو وڏو حملو ٿيو ۽ ان دوران ملڪ ۾ ان جي خلاف وسيلن جي گهٽتائي رهي.شبلي فراز چيو ته جنوري جي مهيني ۾ احتياطي تدبيرون ڪيون هيون پر موسمياتي تبديلي ۽ ايران ۾ اقتصادي پابندي سميت ٻين معاملن جي ڪري ماڪڙ جي خاتمي لاءِ بندوبستن ۾ دير ٿي.شبلي فراز چيو ته قومي احتساب بيورو (نيب) شهباز شريف کي گرفتار ڪرڻ پهچي ٿي ته هو فرار ٿو ٿي وڃي، ايندڙ ڏينهن عدالت ۾ ظاهر ٿي منع نامو حاصل ٿو ڪري ۽ پوءِ عدالت جي اڱڻ مان اهڙي طرح جو ٻاهر نڪري جيئن ڪشمير فتح ڪري ورتو هجي.شبلي فراز الزام هنيو ته شهباز شريف چاهي ٿو ته هن جي خلاف احتساب جو عمل بيهي وڃي جڏهن ته وزير اعظم عمران خان آيو ئي احتساب جي نصب العين سان ۽ انهيءَ ڪري کنڊ بحران تي ٻڌل ڪميشن رپورٽ عوامجي سامهون پيش ڪئي جيئن بنا سبب ملڪ کي نقصان پهچائيندڙ جي خلاف ڪارروائي ٿي سگهي.