ملڪ ۾ اڄ ڪورونا سبب 35 فوتگيون، 2173 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد(بيورو)ملڪ ۾ اڄ هن وقت تائين ڪورونا سبب وڌيڪ 35 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 1688 ٿي ويو جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ مريضن جو انگ 80463 تائين پهچي ويو آهي.هن وقت تائين سنڌ ۾ 526 ۽ پنجاب ۾ ڪورونا سبب 570 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ 490 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.ان کان سواءِ بلوچستان ۾ 49، اسلام آباد 34، گلگت بلتستان ۾ 12 ۽ آزاد ڪشمير ۾ وائرس سبب 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.اڄ اربع ڏينهن هن وقت تائين ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2173 ڪيس ۽ 35 فوتگيون رپورٽ ٿي چڪيون آهن، جنهن مان پنجاب 1639 ڪيس 30 فوتگيون، اسلام آباد 295 ڪيس 4 فوتگيون، بلوچستان 226 ڪيس ۽ آزاد ڪشمير مان 13 ڪيس ۽ هڪ فوتگي رپورٽ ٿي آهي.اڄ پنجاب مان ڪورونا جا وڌيڪ 1639 ڪيس ۽ 30 فوتگيون سامهون آيون آهن جنهن جي تصديق پي ڊي ايم اي ڪئي.صوبائي ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي جي موجب صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو گڏيل انگ 29489 ۽ فوتگيون 570 ٿي ويون آهن.صوبي ۾ هن وقت تائين ڪورونا مان صحتياب ٿيلن جو انگ 7469 آهي.ڍوفاقي راڄڌاني مان اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 295 ڪيس ۽ 4 فوتگيون سامهون آيون آهن جنهن جي تصديق سرڪاري پورٽل تي ڪئي وئي آهي.پورٽل موجب اسلام آباد ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 3188 ٿي ويو آهي جڏهن ته فوتگيون 34 ٿي چڪيون آهن.اسلام آباد ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس مان 399 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.بلوچستان مان اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 226 ڪيس سامهون آيا جنهن جي تصديق صوبائي پورٽل تي ڪئي وئي آهي.صوبائي پورٽل موجب صوبي ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل انگ 4740 ٿي ويو آهي.بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيلن جو انگ 1733 ٿي ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *