ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ٽن مهينن کان پوءِ گاڏين جو ڦيٿو ڦرڻ شروع ٿي ويو، ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ٻين شهرن ۾ گاڏيون روڊن تي اچي ويون، سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي ٻيهر بند ڪيو ويندو. ڪورونا وائرس جي ڪري سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ سبب انٽرا سٽي ٽرانسپورٽ بند ڪئي وئي هئي. سنڌ جي شهرن ۾ٽن مهينن جي بندش بعد اڄ کان سکر، لاڙڪاڻو، دادو، نواب شاهه، ميرپور خاص ۽ ٻين شهرن ۾ گاڏيون رستن تي اچي ويون. ڪجهه شهرن ۾ ڊرائيورز ۽ مسافرن سنڌ حڪومت جي ايس او پيز تي عمل نه ڪيو، سفر دوران گاڏين ۾ ماسڪ پائڻ ۽ گاڏين ۾ سينيٽائرز رکڻ واري اصول کي نظر انداز ڪيو ويو. گذريل ڏينهن ٽرانسپورٽ اتحاد ۽ صوبائي وزير وزير اويس شاهه وچ ۾ ڪامياب ڳالهيون ٿيڻ کانپوءِ اڄ کان گاڏيون هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو.