ڪورونا وائرس سبب اسپتالون ڀرجي ويون آهن، چاهيون ٿا ته ٽرانسپورٽ به روڊ تي هلي ۽ ڪو ماڻهو به نه مري: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب اسپتالون ڀرجي ويون آهن، چاهيون ٿا ته ٽرانسپورٽ به هلي ۽ ڪو ماڻهو به نه مري، گاڏيون روڊن تي آڻڻ لاءِ ٽرانسپورٽرز کي ٿورڙي لچڪ ڏيکارڻي پوندي. بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران ٽرانسپورٽ کاتي پاران پيش ڪيل تجويزن تي جسٽس عمر سيال چيو ته جيڪڏهن ٽرانسپورٽرز سنڌ حڪومت جي تجويزن تي عملدرآمد لاءِ راضي آهي ته پوءِ عدالت حڪم نامو جاري ڪندي. ان موقعي تي سيڪريٽري سپريم ڪائونسل چيو ته ماڻهو فاقن تي اچي ويا آهن، گاڏيون روڊن تي آڻڻ ڏنيون وڃن، ٽرانسپورٽرز 35 سيڪڙو گاڏيون گهٽائڻ لاءِ تيار آهن، جيڪي ايس او پيز هوائي سروس ۽ ريلوي لاءِ آهن انهن کي ٽرانسپورٽرز به فالو ڪندا. جسٽس عمر سيال چيو آهي ته سنڌ حڪومت ان جي ڪري تجويزون ڏنيون ته جيئن ٽرانسپورٽرز جو ڌنڌو هلي ۽ ڪو ماڻهو به نه مري، اسان سڀني تي ڏکيو وقت ايندو آهي، ٽرانسپورٽ نه هلندي ته اسان سڀني لاءِ مسئلا ٿيندا. سرڪاري وڪيل چيو ته ڪورونا وائرس تيزيءَ سان ڦهلجي رهيو آهي، اسپتالن ۾ بسترا کٽي ويا آهن، مريضن کي فرش تي ليٽائڻو پوندو. جسٽس عمر سيال سرڪاري وڪيل کي چيو ته سڀ ڪجهه بند ڪري ڇڏينداسين ته ماڻهو بک سان مري ويندا. جسٽس عمر سيال چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس سان اسپتال ڀرجي ويا ۽ سنگين صورتحال آهي، ڪورونا بابت سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس به ورتل آهي، اسان کي سپريم ڪورٽ جي گائيڊ لائنز کي به ڏسڻو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *