کنڊ انڪوائري رپورٽ بدنيتي تي ٻڌل قرار، سنڌ حڪومت وزيراعظم کان جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت کنڊ انڪوائري رپورٽ کي بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، وزيراعظم کان جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، مرتضيٰ وهاب ۽ ناصر شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته رپورٽ بابت وفاقي حڪومت بدنيتي جو مظاهرو ڪيو، وزيراعظم کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، وزيراعظم کي انڪوائري ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم جي اجازت سان 2 ملين رپين جي جي سبسڊي ۾ لچڪ ڏني وئي، ناصر شاهه جو چوڻ هو ته کنڊ رپورٽ تي سنڌ حڪومت کي نشانو بڻايو پيو وڃي، انڪوائري ڪميشن رپورٽ کي اومني گروپ سان ملايو پيو وڃي، وزيراعظم ايڪسپورٽ جي اجازت ڏني، ان جو نالو ئي ناهي، جن کي ذميوار قرار ڏنو ويو، تن جو ذڪر ئي نه ڪيو ويو، مرتضيٰ وهاب چيو ته اڄ فرشتن جي حڪومت ۾ کنڊ مهانگي ڇو آهي؟:کنڊ انڪوائري رپورٽ تي وڏي وزير کي نه نوٽيس مليو نه سوالنامو:، وڏو وزير ماضي ۾ مڙني ڪميشن آڏو آڏو پيش ٿيو، سنڌ حڪومت سڀني شگرملز کي سبسڊي ڏني، جڏهن سبسڊي ڏني وئي تڏهن کنڊ جي قيمت گهٽ هئي، کنڊ انڪوائري رپورٽ بدنيتي تي ٻڌل آهي، گذريل ٽن سالن ۾ سنڌ حڪومت ڪا به سبسڊي ناهي ڏني.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *