نيب جو مقصد ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو آهي: نيب چيئرمين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب اشتهاري ۽ فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن وسيلا ڪتب آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته نيب هڪ قانوني ادارو آهي، جنهن جو مقصد ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو آهي ، اسلام آباد ۾ نيب چيئرمين جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ نوازشريف، شهباز شريف، حمزه شهباز، شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال ۽ ٻين خلاف ڪيسن ۾ هيل تائين ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ۾ ڪڻڪ چوري جي مامرو ۽ پنجاب ۾ 56 ڪمپنين جي ڪيسن تي ٿيل اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته نيب هڪ قانوني ادارو آهي، جنهن جو مقصد ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو آهي. نيب چيئرمين چيو آهي ته نيب جو ڪنهن به سياسي جماعت سان تعلق نه آهي، نيب صرف ۽ صرف ملڪ جي مفاد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. نيب پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ عليم خان سميت ٻين خلاف آف شور ڪمپنين جي ڪرپشن جي ڪيسز جو به جائزو ورتو ويو. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته امير مقام، ڪيپٽن صفدر، مهتاب عباسي ۽ اڪرم دراني جي ڪرپشن ڪيسز ۾ ٿيل اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. نيب جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اشتهاري فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سمورا وسيلا ڪتٻ آندا ويندا ۽ احتساب عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسنجي جلد ٻڌڻي جي لاءِ درخواستون داخل ڪيون وينديون، نيب جو مقصد صرف ۽ صرف ملڪ کي ڪرپشن فري بڻائڻو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *