اسلام آباد (بيورو) اين ڊي ايم اي سڄي ملڪ ۾ ماڪڙ جي خلاف آپريشن جو تفصيل پيش ڪري ڇڏيو جنهن موجب هن وقت ملڪ جي 60 ضلعن ۾ ماڪڙ موجود آهي، اين ڊي ايم اي جي ترجمان چيو ته بلوچستان ۾ 31، ڪي پي ڪي ۾ 9، پنجاب ۾ 10 ۽ سنڌ ۾ به 10 ضلعا متاثر ٿيا، ماڪڙ پاران حملو ڪيل علائقن جو سروي ۽ ڪنٽرول آپريشن جاري آهي، سڄي ملڪ ۾ 1127 ٽيمون لوڪسٽ آپريشن ۾ حصو وٺي رهيون آهن، ترجمان چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 2 لک 90 هزار پکيڙ جي سروي ڪئي وئي، هن چيو ته بلوچستان ۾ 15 سئو پکيڙ تي ڦوهارو ڪيو ويو، پنجاب ۾ 8 سئو هيڪٽر تي اسپري ڪيو ويو، ڪي پي ڪي ۾ 7 سئو هيڪٽر تي اسپري ڪيو ويو، سنڌ ۾ گذريل ڏينهن 12 سئو هيڪٽر تي ڦوهارو ڪيو ويو.