وزيراعظم سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو اعلان ڪري:پي ٽي آءِ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ وري سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻن فردوس شميم، حليم عادل شيخ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪوئا حڪومت ڪري رهيا آهن، وزيراعظم سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري، وزيراعظم عمران خان سنڌ حڪومت کي سڌارڻ لاءِ ڏنڊو کڻي، فردوس شميم چيو ته وزيراعظم ڏنڊو نه کنيو ته ڪوئا حڪومت سڄي سنڌ کائي ويندي، ڪوئا حڪومت کان 12 سالن جو حساب ڪتاب ورتو ويندو، سنڌ ۾ هن وقت ڪوئا حڪومت ڪري رهيا آهن، ڪوئا ملڪي ناڻي سان سان گڏ ڪڻڪ به کائي ويا آهن، سنڌ ۾ سري عام شراب وڪرو ٿي رهيو آهي، لياري، گوليمار، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ غيرقانوني شراب وڪرو ٿي رهيو آهي، فردوس شميم جو چوڻ هو ته آصف زرداري ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو، دعا آهي ته الله پاڪ آصف زرداري کي صحتياب ڪري، زرداري صحتياب ٿيندو ته ڪيسن کي منهن ڏئي سگهندو، تمام جلد سنڌ حڪومت جي 12 سالن جي ڪرپشن جو چٺو جاري ڪنداسين، سنڌ حڪومت 12 سالن ۾ رڳو تعليم جو نه سڀني ادارن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *