کنڊ بحران، واجد ضيا ڪميشن جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪري ڇڏي، وفاقي حڪومت رپورٽ شايع ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت کنڊ بحران بابت انڪوائري ڪميشن جي فارنزڪ رپورٽ پبلڪ ڪندي چيو آهي ته رپورٽ ۾ صاف ظاهر آهي ته ڪيئن هڪ ڪاروباري طبقي سڄي صنعت تي قبضو ڪيو آهي، ريگيوليٽر تي قبضي سان نظام کي ڊانوانڊول ڪري عوام تي بار وڌيو ويو آهي، وزيراعظم هميشه چوندو آهي ته ڪاروبار ڪندڙ سياست ۾ به ڪاروبار ڪندو، وزيراعظم جي اها ڳالهه سچ ثابت ٿي وئي آهي ٻئي پاسي حڪومت کنڊ بحران بابت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ سڌ سماءَ واري وزير شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته ملڪي تاريخ جو اڄ اهم ڏينهن آهي، اڳ ۾ ڪنهن حڪومت جي ايڏي وڏي همت نه هئي ته اهڙي ڪميشن ٺاهي.هن ٻڌايو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا انڪوائري رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تاريخي ڏينهن تي اسان کي ساراهڻ گهرجي، اسان صحيح رُخ ڏانهن وڌي رهيا آهيون، ڪميشن کنڊ بحران جو ذميوار ريگوليٽرز کي قرار ڏنو آهي، جن جي غفلت سبب کنڊ بحران پيدا ٿيو ۽ اگهه وڌيو.سندس چوڻ هو ته ڪميشن ڪيس نيب، وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) ۽ اينٽي ڪرپشن کي موڪلڻ جي سفارش ڪئي آهي، جڏهن ته ڪابينا ريڪوري ڪري پئسو عوام کي ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي ۽ وزيراعظم اها ذميواري مون کي سونپي آهي، عيد کانپوءِ وزيراعظم جي هدايتن تي سفارشون تيار ٿينديون، اڃا ڪنهن جو به نالو اي سي ايل ۾ ناهي وڌو ويو، ڪو جاچ ادارو چوندو ته ڪابينا نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ تي غور ڪندي.شهزاد اڪبر موجب انڪوائري ڪميٽي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي آهي، رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته شوگر ملز آبادگارن کي امدادي اگهه کان گهٽ پئسو ڏين ٿيون ۽ آبادگارن جي ڪمند جي وزن ۾ 15 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي، ڪچي پرچي ۽ ڪميشن ايجنٽ ذريعي گهٽ اگهه تي آبادگارن کان ڪمند ورتو ويندو آهي ۽ ان جي لاڳت وڌيڪ ڏيکاري ويندي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *