ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، بلديات، جهنگلات، جهنگلي حيات ۽ مذهبي معاملن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ارسا جي ميمبرن کي هٽائڻ تي ڀرپور احتجاج ڪندي آهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار ان سلسلي ۾ وزيراعظم کي خط لکڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي ۽ اهو خط ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ موڪليو ويندو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته وفاقي حڪومت کي اهڙي غير قانوني قدم جي اجازت ڪنهن صورت نٿي ڏئي سگهجي صوبائي وزير چيو ته ارسا ميمبرن کي هٽائڻ کان پهريون صوبن سان مشورو ڪرڻ لازمي آهي هن چيو ته ارسا جو معاملو ڇيڙي آئين تي عمل نه ڪرڻ جو پيغام ڏنو پيو وڃي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته احتجاجي مراسلو وزيراعليٰ سنڌ پاران لکيو ويندو. اطلاعات واري وزير چيو ته ارسا ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان سنڌ جا نمائمندا موجود هئا. ۽ انهن کي ڪهڙي قانون تحت هٽايو ويو هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف هميشه قانون جي حڪمراني جي ڳالهه ڪندي هئي ليڪن اهي جڏهن کان حڪومت ۾ آيا آهن انهن جو هڪ هڪ قدم ان ڳالهه جي نفي ڪندو آهي. هن چيو ته اهو مسئلو سنڌ لاءِ وڏو اهم آهي صوبائي ڪابينا ان معاملي ۾ وفاقي ڪابينا قانون سان مذاق ڪيو آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته وفاقي حڪومت جو اهو فيصلو مڪمل طور تي قانون ۽ آئين جي خلاف ورزي آهي هن چيو ته ارسا ايڪٽ 1992 ان معاملي ۾ واضح طور چوي ٿو ته اگر وفاقي حڪومت ڪنهن نمائندي کي بدلڻ چاهي ته صوبن سان مشورو ضروري آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته وفاقي حڪومت جو اهڙو اپاءُ ارسا ايڪٽ 1992 جي کليل خلاف ورزي آهي ان لاءِ سنڌ حڪومت ان معاملي ۾ وزيراعظم کي احتجاجي مراسلو لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ وفاق کي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ان معاملي ۾ عدالت سڳوي ڏي وڃڻو پيو ته ان کان به پاسو ڪونه ڪنداسين