عدالتي حڪم موجب ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن به مارڪيٽون کليل رهنديون:سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن به مارڪيٽون کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو ته سڄو هفتو مارڪيٽون کولڻ جي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل جا پابند آهيون، عدالتي حڪم موجب ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن به مارڪيٽون کليل رهنديون.هن چيو ته عورتون ننڍن ٻارن کي به مارڪيٽن ۾ کڻي اچي رهيون آهن، کين ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته برزگ به مارڪيٽن ۾ بنا ماسڪ جي نظر اچي رهيا آهن.سندس چوڻ هو دڪاندارن کي گهرجي ته جيڪو حفاظتي قدمن تي عمل نه ڪري ان کي دڪان اندر داخل ٿيڻ نه ڏين، جڏهن ته شهرين کي به پنهنجي ذميواري نڀائڻي پوندي.شهري هن صورتحال ۾ وڌ کان وڌ احتياط ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي حفاظت ڪن، اسان نه ٿا چاهيون ته ڪا ڪوتاهي ٿئي.ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪيو وڃي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي، اسان لاءِ سڀ کان اولين فرض انساني زندگيون بچائڻ آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *