ننڍن دڪاندارن کي ڪم ڪرڻ کان نه روڪيو وڃي،سموري ملڪ ۾ شاپنگ مالز ۽ مارڪيٽون کولڻ جو حڪم ڏيون ٿا:چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪراچي جون سموريون مارڪيٽون کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو آهي ته ننڍن دڪاندارن کي ڪم ڪرڻ کان نه روڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي ٿي آهي، چيف جسٽس پاڪستان ٻڌڻي دوران چيو ته سموري ملڪ ۾ شاپنگ مالز ۽ مارڪيٽون کولڻ جو حڪم ڏيون ٿا، چيف جسٽس چيو ته تمام گهڻا ماڻهو صرف عيد تي ڪپڙا وٺندا آهن، ڪمشنر ڪراچي عدالتي فيصلي تي عمل ڪرائي، دڪان بند ڪرائڻ بدران ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي، سنڌ حڪومت کي مخاطب ٿيندي چيف جسٽس چيو ته ڇا ڪورونا ٻڌائي ايندو آهي ته هو ڇنڇر ۽ آچر تي ايندو ۽ ٻين ڏينهن ۾ نه ايندو، ڇنڇر ۽ آچر تي به مارڪيٽون بند نه ٿينديون، چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ننڍن دڪاندارن کي ڪاروبار ڪرڻ کان نه روڪيو وڃي، ڇنڇر ۽ آچر تي به پوري ملڪ ۾ مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز کوليا وڃن،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *