ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جي پريس ڪانفرنس جي رد عمل ۾ سنڌ جي ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير اويس شاهه چيو ته شيخ رشيد صاحب ڪراچي ۾ في الحال ٽرين نه هلندي، اسان کي عوام جي فڪر آهي ۽ اوهان کي ٽرين هلائڻ جو فڪر آهي.اويس شاهه چيو ته ٽرين هلائي وئي ته پوءِ ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ مشڪل ٿي ويندو، عيد ويجهو آهي ٽرينون کلنديون ته پوءِ هڪ لک کان وڌيڪ ڪوورنا جا ڪيس ٿي ويندا. صوبائي وزير چيو ته شيخ رشيد سنڌ وفاق کي پالي رهي آهي وفاق سنڌ کي ناهي پاليندو، اوهان صوبن جا محتجاج ناهيو ته صوبا به اوهان جا محتاج ناهن.صوبائي وزير اويس شاهه چيو ته ڪراچي سنڌ جو وڏو شهر آهي، هتي هر صوبي ۾ جو عوام رهي ٿو ، ٽرينون هلائڻ جي فيصلي بعد ريلوي اسٽيشنز تي رش وڌي ويندي. ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير چيو ته شيخ رشيد کي عوام جي زندگين جو فڪر گهٽ ۽ ٽرينون هلائڻ جو فڪر وڌيڪ آهي .