سنڌ ۾ وڌيڪ 11 مريض ڪورونا وگهي زندگي جي جنگ هارائي ويا:مراد علي شاهه

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪورونا جا 787 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 16 هزار 377 ٿي ويو، وڏي وزير چيو آهي ته اڄ وڌيڪ 11  مريض ڪورونا وگهي زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن. سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس بابت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن وقت 114 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 31 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن. وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 5 هزار 34 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 787 نوان ڪيسز سامهون آيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب اڄ وڌيڪ 11 ماڻهو فوت ٿي ويا جنهن کانپوءِ فوتين جو تعداد 279 ٿي ويو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن وقت 11 هزار 891 مريض علاج هيٺ آهن، گهرن ۾ 10 هزار 485، آئيسوليشن مرڪزن ۾ 838 ۽ اسپتالن ۾ 568 مريضن جو علاج جاري آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو آهي ته 787 نوان ڪيسن مان ڪراچي ۾ 515 ڪورونا جا مريض سامهون آيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته شڪارپور ۾ 31، لاڙڪاڻي ۾ 25، سکر ۾ به 25، حيدرآباد ۾ 16 ۽ گهوٽڪي ۾ 14 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ۾ 13، خيرپور ۾ 6 ۽ ڄامشوري ۾ 3 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. وڏي وزير عوام کي اپيل ڪندي چيو آهي ته احتياطي تبديرن تي عمل ڪيو، پاڻ کي به ڪورونا کان بچايو ۽ ٻين کي به هن وائرس کان بچائڻ ۾ مدد ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *