پوري ڪابينا جو احتساب ڪرڻو آهي ته اُن جي شروعات 1977ع کان ڪئي وڃي :وفاقي وزير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) شرم ڪريو، حيا ڪريو، برداشت ڪريو، آئون اپوزيشن وانگر نه آهيان جو نيب کان لڪندو وتان، وفاقي وزير غلام سرور چيو آهي ته جن گجرون کاڌيون انهن کي پيٽ ۾ سور ته پيو هوندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير غلام سرور خان جي خطاب دوران اپوزيشن ميمبرز پاران گوڙ ڪيو ويو. غلام سرور خان چيو آهي ته پوري ڪابينا جو احتساب ڪرڻو آهي ته اُن جي شروعات 1977ع کان ڪئي وڃي. وفاقي وزير چيو آهي ته اپوزيشن جي ماڻهن ٻنهي هٿن سان ملڪ کي لٽيو آهي ته هاڻي حالتن کي منهن ڏين، جِن گجرون کاڌيون، اُنهن کي پيٽ ۾ سور ته پيو هوندو. وفاقي وزير چيو آهي ته مان گذريل ڪيترن ئي سالن کان سياست ۾ آهيان، 1997 کان وٺي هاڻي تائين جيڪو به مون وٽ آهي ان جي انڪوائري ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مان پنهنجي سموري خاندان کي به احتساب لاءِ پيش ڪري رهيو آهيان، مان چوان ٿه اسان جي پوري ڪابينا جو احتساب ڪيو اسان تيار آهيون. هن چيو ته منهنجي انڪوائري ضرور ڪئي وڃي پر ان سان گڏو گڏ 85 ع کان وٺي هن مهل تائين جن وزيراعظم ۽ وزير اعليٰ جا مزا ماڻيا انهن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي. غلام سرور خان ڪورونا وبا جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پوري دنيا ۾ تقريبن 3 لک فوتگيون ٿي چڪيون آهن ۽ 40 لک کان وڌيڪ ماڻهو هن وبا ۾ مبتلا ٿي ٿي ويا آهن. هن چيو آهي ته پاڪستان هن خطي جو اهو واحد ملڪ جيڪو گهٽ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته پوري دنيا هن موذي مرض جو شڪار ٿيو آهي ۽ ايوي اسيشن جو سڄو نظام بند آهي، پاڪستان به ڊوميسٽڪ ۽ بين الاقوامي اڏامن کي عارضي طور تي بند ڪري ڇڏيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *