وفاقي سرڪار حڪومت بڻجي ڪم ڪري، تماشائي بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪري:شازيا مري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته سنڌ حڪومت تي حملا ڪيا پيا وڃن، وفاقي سرڪار حڪومت بڻجي ڪم ڪري تماشائي بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪري. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پ پ ايم اين اي چيو آهي ته ڏهين اين ايف سي ڪميشن ۾ خاميون آهن، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن غير آئيني آهي ان کي واپس ورتو وڃي. هن چيو ته پهريون لاڪ ڊائون سنڌ ۾ ڪيو ويو، سٺو ٿيو جو ٻين صوبن به ان جو فالو ڪيو. هن چيو ته اين ڊي ايم جي چيئرمين چيو ته لاڪ ڊائون ته لڳڻ ئي نه گهرجي ها، ڇا چين لاڪ ڊائون ڪري فيل ٿيو آهي.؟ هن چيو ته ڇا ڊبليو ايڇ او اسان کي لاڪ ڊائون جو چئي غلط ڪيو.؟ اسان کي صحت جو نظام بهتر بڻائڻو آهي. شازيه مري چيو آهي ته ڪراچي ۾ ته هاڻي واپاري ڳالهائي رهيا آهن، هڪ وقت هو جو هنن کي پرچيون ملنديون هيون. هن چيو ته حڪومت يقيني بڻائي ته طبي عملي وٽ ذاتي حفاظتي سوٽ هوندو، حڪومت ڪورونا سان مقابلي لاءِ هڪ قومي پاليسي بڻائي ۽ حڪمت عملي سان گڏ سامهون اچي. شازيه مري چيو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير روزاني ڪورونا وائرس جي حوالي بريف ڪندو آهي ۽ سنڌ سڀ کان پهريون ريليف به ڏنو. هن چيو ته سنڌ ۾ ماڪڙ حملو ڪري فصل تباهه ڪري رهي آهي، هڪ سال کان ايوان ۾ رڙيون ڪندا پيا اچون پر حڪومت ڪجهه به نه ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *