ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻين مرضن ۾ مبتلا مريضن جو علاج نه ڪرڻ خلاف سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتالن جي انتظاميه تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس کان علاوه ٻين مرضن ۾ مبتلا مريضن جو علاج نه ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت سمورين سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتالن کي فوري طور تي ايمرجنسي وارڊز ۽ او پي ڊيز کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪورونا کانسواءِ ٻين مرضن ۾ مبتلا مريضن جو علاج نه ڪندڙ اسپتالن جي انتظاميه خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. عدالت سي اي او هيلٿ ڪيئر ڪميشن کي طلب ڪري ورتو، آغا خان اسپتال، سائوٿ سٽي، ضياءَ الدين، جناح، سول، عباسي ۽ ٻين اسپتال انتظاميه کان به لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو. جسٽس محمد علي مظهر چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته او پي ڊيز ۽ ايمجرنسي وارڊز ۾ ڪهڙي طرح مريضن جو علاج ڪيو پيو وڃي. جسٽس محمد علي مظهر چيو آهي ته ڇا ٻين مرضن ۾ مبتلا مريضن جو پهريون ڪورونا ٽيسٽ ضروري آهي.؟ جسٽس محمد علي مظهر چيو ته غريب طبقو علاج جي لاءِ سرڪاري اسپتالن ڏانهن رخ ڪندو آهي، جيڪڏهن سرڪاري اسپتال انتظاميه جو رويو ٺيڪ نه ٿيو ته پوءِ ڪيئن ڪم هلندو. جسٽس محمد علي مظهر چيو آهي ته جناح اسپتال جي ڊاڪٽر سيمي جمالي ڇا ڪري رهي آهي، ڇا هن کي اسپتال ناهي هلائڻو.؟ جيڪڏهن غريب جو علاج سرڪاري اسپتالن ۾ نه ٿيندو ته پوءِ نا مناسب ڳالهه ٿيندي. درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته اسپتالن پاران ٻين مرضن ۾ مبتلا مريضن کي پهريون ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو چون ٿا، ٽيسٽ رپورٽ ۾ دير ٿيڻ سان هرٽ اٽيڪ جا مريض مري رهيا آهن. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جناح اسپتال سميت ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ ڪيترا مريض ايندا آهن لکت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.