ملڪ ۾ صحت جو ذميوار ڪير آهي، ان جو نالو ٻڌايو وڃي:شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته ڪورونا خلاف حڪومت جي ڪهڙي حڪمت عملي آهي، ڪابينا جو ڪو اهڙو فيصلو ٻڌايو وڃي جنهن ۾ لاڪ ڊائون جو ذڪر ٿيو هجي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ صحت جو ذميوار ڪير آهي، ان جو نالو ٻڌايو وڃي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن هڪ وزير چيو ته روزانه 40 هزار ڪورونا جا ٽيسٽ ٿي رهيا آهن، ڪالهه پرڏيهي وزير ٻڌايو ته 20 هزار ٽيسٽ جي گنجائش آهي. شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هتي ايندڙ مميبرز جي باري ۾ چيو ويو ته جيڪو به هتي ايندو اهو ڪورونا جو ٽيسٽ ڪرائي ايندو. هن چيو ته هائوس هلائڻو آهي ته پهريان اپوزيشن ڳالهه ڪري پوءِ حڪومتي وزير جواب ڏين. شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته اسان جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ڪو وزير ته هئڻ گهرجي، اڄ چوٿون وزير تقرير ڪري هليو ويو، تنقيد ته ٿيندي رهندي ان کان گهٻرائڻو ناهي. هن چيو ته صرف هڪ ڳالهه ٻڌايو ته موجوده حڪومت جي ڪورونا وائرس جي خلاف ڪهڙي حڪمت عملي آهي، ان جي حوالي سان نه وزيرن کي خبر آهي نه ڪنهن ٻئي کي، پر گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته بلڪل به خبر ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *