هڪ سال کان ماڪڙ جي معاملي تي مطالبا پيا ڪيون پر وفاق سنجيده نظر نه پيو اچي:بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ ماڪڙ جي حملن سبب پاڪستان ۾ فوڊ سيڪيورٽي جو وڏو خطرو پيدا ٿي ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت کي پنهنجون ذميواريون نڀائڻ جي ضرورت آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا وائرس سان وڙهندڙ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي سلام پيش ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان عالمي وبا دوران تعميراتي شعبا ۽ ريئل اسٽيٽ کي رليف پهچائي سگهون ٿا ته وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها طبي عملي ۽ صحت جي نظام کي به رليف فراهم ڪري، حڪومت فرنٽ لائن تي موجود طبي عملي کي حفاظتي سامان جي فراهمي سميت معاشي طور سندن تحفظ لاءِ به قدم کڻي.هن چيو ته سنڌ ۾ اڃا ڪانٽريڪٽ تي ڀرتيون ڪري رهيا آهيون پر سنڌ حڪومت جي ڪوشش هوندي ته وبا دوران ڪانٽريڪٽ تي جن ملازمن کي ڀرتي ڪيو ويندو، انهن کي مستقل ڪيو وڃي ۽ سڀني کي رسڪ الائونس ڏنو ويندو، اميد ته سڀ صوبا اهڙا قدم کڻندا.سندس چوڻ هو ته اسان وبا سبب معيشت کي نقصانن تي ڳالهيون ڪري رهيا آهيون پر مان اڄ خاص طور فوڊ سيڪيورٽي تي ڳالهائڻ چاهيندس، جيڪا هن وقت سڄي دنيا جي حڪومتن لاءِ مسئلو بڻيل آهي، گڏيل قومن چيو آهي ته 25 سالن کانپوءِ ماڪڙ جي سڀ کان وڏي حملي سبب پاڪستان جي فوڊ سيڪيورٽي کي وڌيڪ خطرو آهي ۽ اسان ان ڏس ۾ وفاق کان مدد به گهري هئي، اسان گذريل سال بجيٽ دوران ماڪڙ جي حملن جو معاملو اٿاريو ۽ حڪومت کان قدمن جو مطالبو ڪيو پر وفاق ان سلسلي ۾ ناڪام رهيو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت کي تياري لاءِ هڪ سال جو وقت مليو پر ان ڪجهه نه ڪيو، مارچ ۾ سنڌ حڪومت سان انهن واعدو ڪيو هو ته ماڪڙ جي اسپري لاءِ جهاز موڪليندا پر ائين به نه ٿي سگهي.پ پ چيئرمين چيو ته 1993 ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ به اهڙي قسم جو حملو ٿيو هو، هن ايران ۽ گڏيل عرب امارتن کان جهاز گهرايا ۽ شروعات ۾ ئي ماڪڙ جي حملن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو پر هي لاڳيتو ٻيو سال آهي ته اسان وفاقي حڪومت کان ذميواريون نڀائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *