اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورونا تي بحث دوران اپوزيشن طرفان وفاقي سرڪار تي تنقيد، سيينٽر شيري رحمان چيو آهي ته ملڪ تاريخي وبا کي منهن ڏئي رهيو آهي، وزيراعظم ڪٿي آهي؟ اخلاقيات جو جنازو ڪڍيو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي جي ڳالهه ٻڌي خوشي ٿي، سندس راءِ حڪومت جي ابتڙ آهي، راجا ظفر الحق چيو آهي ته حڪومت کي موجوده سنيگن صورتحال تي اجلاس پاڻ ئي گهرائڻ گهرجي ها، حڪومت انهيءَ معاملي تي اپوزيشن سان ڳالهائڻ به پسند نه ڪيو، اپوزيشن اڳواڻن چيو ته حڪومت ڪجهه نه پئي ڪري، صوبن تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، جيڪو عمل غلط آهي.