لاڪ ڊائون جي ايس او پيز تي ڪنهن به عمل ناهي ڪيو:وزيراعليٰ سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 593 ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ صوبي ۾ انگ وڌي 12 هزار 610 ٿي ويو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ 18 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪالهه لاڪ ڊائون جي ايس او پيز تي ڪنهن به عمل ناهي ڪيو، اهڙو طريقو جاري رهيو ته پوءِ سنڌ حڪومت کي ٻيهر سختيءَ ڪرڻي پوندي. وڏي وزير پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته اڄ 18 ڄڻا فوت ٿي ويا جيڪو ڪورونا وائرس سبب سنڌ ۾ وڌيڪ فوتگيون آهن، هيل تائين فوتين جو انگ 218 ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ 3 هزار 64 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 593 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن وقت تائين 10 هزار 163 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 8 هزار 668 گهرن ۾، 915 آئيسوليشن مرڪزن ۽ 580 اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. وڏي وزير پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته 82 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته 27 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄوڪي تاريخ ۾ به سڀ کان وڌيڪ ڪراچي ۾ 412 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته جيڪب آباد ۾ 41، حيدرآباد ۾ 24، گهوٽڪي ۾ 22 ۽ سکر ۾ 9 ڪيسز ظاهر ٿيا آهن. سيد مراد علي شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٽندو الهيار ۾ 4، لاڙڪاڻي ۾ 3، ٽنڊو محمد خان ۽ خيرپور ۾ 2_ 2 وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *