پاڪستان ۾ ڪورونا سان وڌيڪ 15 فوتگيون، 489 نون ڪيسن جي تصديق

اسلام آباد / ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سان وڌيڪ 15 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 578 ٿي ويو، جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 24 هزار 530 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ هيل تائين سڀ کان وڌيڪ 203 فوتگيون خيبر پختونخواهه ۾ ٿيون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 171، پنجاب ۾ 175، بلوچستان ۾ 22، اسلام آباد ۾ 4 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.اڄ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 489 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 15 فوتگيون به سامهون آيون آهن، جن مان سنڌ ۾ 453 ڪيس ۽ 14 فوتگيون، اسلام آباد ۾ 36 ڪيس ۽ بلوچستان ۾ هڪ فوتگي سامهون آئي آهي.اسلام آباد ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 36 ڪيس سامهون آيا آهن، جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا.سرڪاري پورٽل موجب نون ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ اسلام آباد ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 521 ٿي ويو آهي، جڏهن ته شهر ۾ وائرس سبب هيل تائين 4 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.بلوچستان ۾ اڄ ڪورونا وائرس سبب هڪ فوتگي رپورٽ ٿي، جنهن جي تصديق صوبائي صحت کاتي طرفان ڪئي وئي.صوبائي صحت کاتي موجب بلوچستان ۾ وبا سان فوت ٿيندڙن جو انگ 22 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 1663 تصديق ٿيل مريض آهن.بلوچستان ۾ هيل تائين 206 ڄڻا ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي چڪا آهن.ٻئي پاسي سنڌ ۾ ڪورونا جا 453 نوان ڪيس ظاهر ٿي ويا آهن، وائرس وڌيڪ 14 حياتيون ڳڙڪائي ويو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جاري بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 9 هزار 93 ٿي ويو، هيل تائين 171 مريض فوت ٿي ويا آهن، ڪراچي ۾ 335، لاڙڪاڻو ۾ 35، خيرپور ۾ 16 ۽ سکر ۾ ڪورونا جا 12 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هن چيو ته حيدرآباد ۾ 9، ڪشمور ۾ 8 ۽ سانگهڙ ۾ وڌيڪ 3 ڪيس آيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ماڻهو احتياط ڪو نه پيا ڪن، پوليس سان سهڪار ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *