ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات مڪاني ادارن، هائوسنگ ٽائون پلاننگ، مذهبي معاملن ٻيلن ۽ جھنگلي حيات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته هن وقت دنيا جي حالتن ۽ طبي ماهرن جي رائي جي مطابق مئي جو مهينو ان وائرس جي حوالي سان انتهائي خطرناڪ آهي ۽ ان کي نظر ۾ رکندي سڀني ماهرن جو مشورو اهو ئي آهي ته مئي جي مهيني ۾ لاڪ ڊائون جاري رهڻ گھرجي. هن چيو ته عالمي اداره صحت جي سربراھ به لاڪ ڊائون ڪندڙن ملڪن کي خبردار ڪيو آهي ته اهي لاڪ ڊائون کي وڌيڪ موثر ڪن ٻئي صورت ۾ هي وائرس ائين پکڙجندو جو ان کي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو. هن چيو ته تازو ئي صوبي بلوچستان ۾ 19 مئي تائين لاڪ ڊائون ۾ واڌارو ڪيو ويو آهي. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته ان جي باوجود ڪنهن به بلوچستان حڪومت تي تنقيد نه ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن وفاقي وزير بيان ڏنو پر جيڪڏهن سنڌ صوبو عوام جي جان بچائڻ لاءِ لاڪ ڊائون ڪندو آهي ته هر پاسي کان تنقيد ۽ شور گل جا آواز اچڻ شروع ٿي ويندا آهن ته سنڌ حڪومت عوام جي دشمن آهي سنڌ حڪومت عوام جو ڪاروبار تباھ ڪرڻ چاهي ٿي پر جيڪڏهن ڪنهن ٻئي صوبي پاران اهڙا اُپاءَ ورتا وڃن ٿا ته ڪا به تنقيد ناهي ٿيندي ۽ نه ڪو نوٽيس ورتو ويندو آهي هي سراسر ٻيائي آهي. هن چيو ته وڏي افسوس جي ڳالھ آهي جو تنقيد جو نشانو فقط سنڌ حڪومت ئي بڻجندي آهي. هن چيو ته اسين ائين چئون ٿا ته مئي جو پورو مهينو سخت لاڪ ڊائون ٿيڻ گھرجي ۽ عوام جي صحت ۽ زندگي کي سڀني کان مقدم رکيو وڃي. اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته هن وقت به جيڪو لاڪ ڊائون آهي اهو وفاقي حڪومت جي فيصلي جي مطابق 9 مئي تائين آهي ۽ ان جو فيصلو وفاقي حڪومت ڪيو هو ۽ وفاقي وزير ان جو اعلان ڪيو هو اڄ اهي پاڻ ان کي غلط چئي رهيا آهن اهو عوام کي سمجھڻو پوندو