نيب چيئرمين سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ ڪڻڪ چوري ۽ ذخيرو ڪرڻ وارن ڪيسن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب چيئرمين سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ ڪڻڪ چوري ۽ ذخيرو ڪرڻ وارن ڪيسن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نيب سکر کي ڪڻڪ چوري ۽ ذخيري واري جاچ جي هدايت ڪئي وئي. نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ ڪڻڪ ذخيري ۽ گهوٽڪي کان ڪراچي تائين ڪڻڪ فراهمي ۾ چوري جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نيب چيئرمين ڊي جي نيب سکر کي هدايت ڪئي آهي ته ٻنهي ڪيسن جي فوري طور جاچ ڪئي وڃي . نيب چيئرمين هدايت ڪئي آهي ته ڪرپٽ عنصرن وٽان سرڪاري فنڊز هٿ ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا وڃن. واضح رهي ته ٻنهي ڪيسن کي پهرين اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنٽ سنڌ ڏانهن موڪليو ويو هو. نيب سکر پهرين سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ذخيري ۽ چوري جي جاچ ۾ 15 ارب روپين جي ڪڻڪ جي اسٽاڪ جي چوري پڪڙي هئي. نيب سکر جي 10 ارب روپيا ڪرپٽ ماڻهن کان حاصل ڪري سنڌ جي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ نيب سکر جي وڏي ڪاميابي آهي .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *