ڀارتي فوجي قيادت جا بيان غير سنجيده آهن: پاڪ فوج جو ترجمان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ميجر جنرل بابر افتخار ڀارتي فوجي قيادت جي بيانن ۽ پاڪستان تي الزامن کي غير سنجيده ۽ بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو.پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته ڀارتي فوجي قيادت جا بيان غير سنجيده آهن ۽ پاڪستان تي بي بنياد الزام هنيا پيا وڃن، اندورني مسئلن کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن سان رويو سڄي دنيا ڏسي رهي آهي ۽ آمريڪي رپورٽ ۾ ڀارت کي اقليتن سان خراب ورتاءَ تي شامل ڪيو ويو.سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ ڪجهه به ٿئي، ان کي پاڪستان سان ڳنڍيو ويندو آهي، ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جو الزام پاڪستان تي لڳائڻ کِل جوڳو آهي.پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ هٿياربند فوج حڪومتي حڪم لاڳو ڪرڻ ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪري رهي آهي ۽ سول ادارن سان بيڪ اپ سپورٽ ڏئي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *