اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 449 ٿي ويو، جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ تصديق ٿيل مريضن جو انگ 19466 ٿي ويو آهي.پاڪستان ۾ ڪورونا سبب سڀ کان وڌيڪ 172 فوتگيون خيبر پختونخواهه ۾ ٿيون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 130، پنجاب ۾ 121، بلوچستان ۾ 19، اسلام آباد ۾ 4 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 ڄڻا ان وبا سبب حياتيون وڃائي چڪا آهن.اڄ سڄي ملڪ مان 1032 نوان ڪيس ۽ 14 فوتگيون سامهون آيون آهن، جن مان پنجاب ۾ 638 ڪيس ۽ 6 فوتگيون، سنڌ ۾ 363 ڪيس ۽ 8 فوتگيون،آباد ۾ 28 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو.سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 363 مريض سامهون اچڻ کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو ڪُل انگ 7465 ۽ وڌيڪ 8 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ 130 ٿي ويو آهي.سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب نون ڪيسن ۽ فوتگين جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته صوبي ۾ هيل تائين 1555 ڄڻا صحتياب به ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ اڄ ڪورونا جا 638 نوان ڪيس ۽ 6 فوتگيون رپورٽ ٿيون، جنهن جي تصديق صوبائي حڪومت طرفان ڪئي وئي.نوان ڪيس ۽ فوتگيون سامهون اچڻ کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو مجموعي انگ 7494 ۽ فوتين جو انگ 121 تائين پهچي چڪو آهي.اسلام آباد ۾ اڄ ڪورونا جا 28 تازا ڪيس سامهون آيا، جنهن کانپوءِ شهر ۾ متاثرن جو ڪُل انگ 393 ٿي ويو.سرڪاري پورٽل موجب اسلام آباد ۾ هيل تائين 4 ڄڻا ان وبا سبب حياتيون وڃائي چڪا آهن.